ابوبڪر شيخ

ابوبڪر شيخ

ابوبڪر شيخ

ابوبڪر شيخ: مشھور ليکڪ، محقق، مترجم ۽ ڪھاڻيڪار ابوبڪر شيخ 12 جون 1962ع تي بدين ۾ ڄائو. سندس پرورش بدين جي مشھور محقق ۽ سندس مامي محمد سومار شيخ ڪئي جيڪو سندس استاد پڻ هو. هن بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان ئي پنھنجي مامي جي لائبريري ۾ ڪتاب پيو پڙهندو هو، ان کانسواءِ بدين ۾ سڀ کان پھرين پريس سندس مامي محمد سومار شيخ کولي هئي اُن ڪري کيس ننڍپڻ کان ئي ڪتابن سان ڏاڍي دلچسپي رهي آهي. پريس تي ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون جنھن ۾ مقامي شاعر ۽ اديب گڏ ٿيندا هئا. اهڙي علمي ادبي ماحول ۾ رهڻ سبب ابوبڪر کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ هن ٻاروتڻ ۾ پھرين روزاني ’آفتاب‘ اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو. ان کانسواءِ ’عبرت‘، ’هلال پاڪستان‘ ۽ ’جاڳو‘ سان گڏ عبرت مئگزين، ڪاوش مئگزين ۽ افيئر ۾ پڻ ڪيترائي مضمون ۽ ڪھاڻيون لکيون آهن. ’مھراڻ‘، ’پيغام‘ ۽ ’نئين زندگي‘ رسالن ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ ڇپيل اٿس. هن وقت ”ڊان ڊاٽ ڪام“، بي. بي. سي جي اردو ويب سائيٽ ۽ ”هم سب‘ ويب سائيٽ لاءِ ڪالم پڻ لکندو رهي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”تاريخ جو سفر“ (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي اردو ڪتاب ”تاريخ ڪي بدلتي نظريات“ جو سنڌي ترجمو)، ”نگري نگري ڦرا مسافر“، (سندس ڪالمن جو مجموعو)، ”تاريخ ڪي مسافر“ (سندس تحريرن جو مجموعو)، ’سنڌو گهاٽي اور سمندر‘ (تحقيق) ۽ ” ڪٿائين جادوگربستيون ڪي“ (تحقيق:2024ع) شامل آهن.


لفظ ابوبڪر شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.06.12  عيسوي

ابوبڪر شيخ 12 جون 1962ع تي بدين ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت موهن
سليم ناصر
بينا1
جوش شيخ عبدالحليم
ڀرگُو
سندري اتمچنداڻي
ڀَرَتُ
خليفو محمد سجاول خان
سلطان علي خان ٽالپر
چانڊيو عبدالرحمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون